اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه چيو آهي ته افغانستان جي موجوده صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ افغان عوام جي مدد لاءِ عالمي فنڊ جو قيام ۽ افغانستان لاءِ او آءِ سي جي خصوصي نمائندي جي مقرري اهم ڪاميابي آهي، ام??د آهي ته اسلامي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن کانسواءِ ٻيا ملڪ به ان فنڊ ۾ حصو وجهندا، غير معمولي اجلاس جي ڪاميابي خوش آئنده آهي، ام??د آهي ته ان سان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ بهتري ا??ند??. هو او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ واپس وطن روانو ٿيڻ تي ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب ۽ ٻين کيس الوداع ڪيو. او آءِ سي سيڪريٽري جنرل چيو ته او آءِ سي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، اهو غير معمولي اجلاس هڪ وڏي ڪاميابي هو، خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان اهو اجلاس اهم هو، هن چيو ته اهو غير معمولي اجلاس ڪامياب رهيو ته جيڪا هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي، ڪانفرنس سان خطي خاص طور تي افغانستان جي صورتحال ۾ بهتري ا??ند??، هن چيو ته ان اجلاس جي هڪ اهم ڪاميابي اها آهي ته او آءِ سي جي اجلاس ۾ او آءِ سي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت کي افغانستان بابت خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو جنهن پنهنجو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هو رابطاڪاري جو ڪم سرانجام ڏ??ند??، هن اجلاس ۾ شريڪ طالبان جي نمائندي سان ملاقات به ڪئي، ام??د آهي ته هو مستقبل ۾ به لاڳاپيل ??دارن سان رابطي ۾ رهندو، سيڪريٽري جنرل او آءِ سي چيو ته ٻي وڏي ڪاميابي افعانستان جي عوام لاءِ خصوصي فنڊ جو قيام آهي جنهن ۾ نه رڳو او آءِ سي جي ميمبر ملڪ پر ٻيا ملڪ به تعاون ڪندا ته جيئن 40 سالن کان مصيبتن جو شڪار افغانين جي مدد ٿي سگهي، هن چيو ته اجلاس ۾ افغانستان لاءِ حوصلا افزا اعلان ڪيا ويا آهن، ان پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جا تاريخي اثر پوندا، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته ام??د آهي ته افغانستان جي باري ۾ او آءِ سي جا نمائندا خصوصي فعال ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي جنهن جي روڪٿام لاءِ او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ڀرپور آواز اٿاريو ويو.