اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي متحده ??رب ام??رات جي 50 هين سالگرهه تي ان جي قيادت ۽ عوام کي پاڪستان جي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عوام پاران دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته متحده ??رب ام??رات جي سياسي قيادت اتحاد، ترقي ۽ خوشحالي جون مثالي منزلون طئي ڪيون آهن. پاڪستان يو اي اي جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته خطي جي ترقي معاشي خوشحالي ۽ امن جو فروغ اسان جو گڏيل ويزن آهي. پاڪستان ۽ متحده ??رب ام??رات جا ڀائراڻا لاڳاپا ڊگهي مدي واري تعاون تي ٻڌل آهن. ڀائيچاري ۽ اعت??اد جو رشتو گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي رابطن جي ڪري وڌيڪ مستحق ٿي رهيو آهي. سينيٽ جي چيئرمين چيو ته عالمي فورمن تي مثالي تعاون پاڪستان ۽ متحده ??رب ام??رات جي وچ ۾ اعت??اد ۽ احترام کي ظاهر ڪ??ي ٿو. اسان کي انهن لاڳاپن ۽ ڀائيچاري جي فضا کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطح تي وفدن جي مٽاسٽا ۾ تيزي آڻڻ ۽ واپاري سرگرمين کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، محمد صادق سنجراڻي چيو ته سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري چرپر جي ذريعي ٻنهي طرفن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ متحده ??رب ام??رات جي دوستي وقت جي هر ام??حان تي پوري لٿي، متحده ??رب ام??رات ۽ پاڪستان جي لاءِ نئين ڪاميابين ?? ترقي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪستان – متحده ??رب ام??رات دوستي زنده ??اد.