اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جو عزم اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪي ??فاد ۾ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي عنصر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اربع تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. ??جل??س ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، علي زيدي، حماد اظهر، وزيراعظم جو ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ جي باري ۾ وزيراعطم جو خاص مددگار خالد منصور ۽ ا??لي?? عملدارن شرڪت ڪئي. سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور ??جل??س ۾ سي پيڪ بابت منصوبن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. ??جل??س کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران چيو ته سي پيڪ منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي آزمايل آهي، حڪومت سي پيڪ منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ ۽ ان تي عملدرآمد کي انتهائي ترجيح ڏيندي آهي، هن چيو ته ملڪي ??فاد جي وڌ کان وڌ حاصل لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي، هن چيو ته حڪومت سي پيڪ معاهدن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آهي.