اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه وزيراعظم آفيس ڪڏهن ڪو اهڙو ??دم نه کڻندي جنهن سان پاڪستان جي فوج ۽ سپهه سالار جي عزت ۾ گهٽتائي ٿئي ۽ نه ئي عسڪري قيادت اهڙو ڪو قدم کڻندي جنهن سان جمهوري نظام کي خطرو يا نقصان ٿئي، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي لاءِ آئيني ۽ قانوني طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، پاڪستان جي عسڪري ۽ سياسي قيادت ۾ ويجهو رابطو ۽ تعلق آهي، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ اٿارٽي وزيراعظم وٽ آهي، اسان جي خواهش آهي ??ه بلوچستان ۾ سياسي استحڪام ٿئي، معاملن کي سياسي ۽ آئيني طريقيڪار موجب اڳتي وڌائڻ گهرجي، اسان جو سڀ کان وڏو چئلينج فيڪ نيوز کي اصلي خبر کان جدا ڪرڻ ۽ جانچڻ آهي، ميڊيا کي به درخواست آهي ??ه اها سوشل ميڊيا تي ايندڙ خبرن جي تصديق لازمي ڪري، وفاقي ڪابينا حضور نبي اڪرم ﷺ جي اسوه حسنه ۽ عمل کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، نبي ڪريم ﷺ سان محبت هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، اسلام آباد پوليس ۾ هجوم کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نئون يونٽ قائم ڪيو پيو وڃي، ڪابينا سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ غيرملڪين کي آن لائين ويزا جي سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪابينا ڪي ٽو ايئر ويز ۽ ايئر سيال جي لاءِ لائيسنسن جي تجديد جي منظوري پڻ ڏني جڏهن ته افغان واپارين کي پاڪستان بزنس ويزا جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ڪابينا جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جنازي نماز ۾ حڪومتي اعليٰ شخصيتن، وزيرن ۽ سروسز چيفس شرڪت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چ??و ته وفاقي ڪابينا رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني اهي. ان اٿارٽي ۾ عالمي سطح جي ناليوارا مسلمان اسڪالرز شامل هوندا. اٿارٽي سيرت النبي ﷺ جي مختلف رخن تي تحقيق ڪندي. اٿارٽي ٻارن جي تربيت جي لاءِ سيرت النبي ﷺ جي تعليم جي روشني ۾ نصاب تجويز ڪندي. اٿارٽي دنيا ۾ اسلام جو اصل تشخص اجاگر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. اٿارٽي معاشري ۾ وڌندڙ جنسي ڏوهن جي روڪٿام، اعتدال ۽ ميانه روي جي رجحان کي وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪندي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير ٻڌا??و ته ان اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بنيادي مقصد نبي ڪريم ﷺ جي اسوه حسنه ۽ عمل کي فروغ ڏيڻ آهي. پاڪستان ۾ هر شخص نبي ڪريم ﷺ سان محبت ڪري ٿو. نبي ڪريم ﷺ پوري اسلامي دنيا جي لاءِ رحمت للعالمين آهن، انهن جو اهو تشخص ان طريقي سان اجاگر نه ٿي سگهيو جهڙي طرح ٿيڻ گهرجي ها. هيستائين ڪيترائي ماڻهو نبي ڪريم ﷺ جي تعليم جو مطالعو ته ڪن ٿا پر پنهنجي زندگين ۾ نبي ڪريم ﷺ جي اصولن جي صحيح طور تي ترجماني نه ڪري سگهيا. وفاقي ڪابينا رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي قدم کي ساراهيو ۽ خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ان عظيم مقصد جي فروغ لاءِ ڪابينا جي سمورن ميمبرن وڌي چڙهي ??صو وٺڻ جي عزم کي ورجايو. اطلاعات ??اري وفاقي وزير ٻڌا??و ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي شروع ۾ مرحوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. هن ٻڌا??و ته وزيراعظم جي هدايت موجب 15 کان وڌيڪ وزيرن جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، سينيٽ چيئرمين، اسپيڪر، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف، پاڪ بحريه جو سربراهه پن جنازي نماز ۾ موجود هئا، ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي افواهون پکيڙيون ويون. هن چ??و ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اليڪٽورل ريفارمز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪابينا جو ڪو اجلاس اهڙو ??ه آهي ??نهن ۾ چونڊ سڌارن تي ڳالهه نه ٿي هجي. هن چ??و ته اسان هر جڳهه هر فورم تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي حقن جي تحفظ جي ڳالهه ڪئي آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو لازمي طور تي حق ڏيڻ تي اڄ به قائم آهيون. اطلاعات ??اري وفاقي وزير ٻڌا??و ته ڪابينا ميسرز ڪي ٽو ايئر ويز (پرائيويٽ) لميٽيڊ ۽ ميسرز ايئر سيال لميٽيڊ کي هوابازي جي لاءِ گهربل لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ تجديد جي منظوري ڏني. هن ٻڌا??و ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڪابينا کي مختلف وزارتن ۽ انهن جي نگراني هيٺ سرڪاري ڪمپنين ۾ سي اي اوز ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽرز جي خالي جاين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو و??و ته هن وقت 80 جايون خالي آهن جن ۾ 44 جاين تي مقابلي جي طريقيڪار موجب مقرريون ڪيون وينديون جڏهن ته 18 ادارا اهڙا آهن جن جون جايون ختم ڪيون پيون وڃن. ڪابينا هدايت ڪئي ته مقررين جو طريقيڪار مڪمل طور تي شفاف ۽ ميرٽ موجب هجي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير ٻڌا??و ته حڪومت هيستائين جيڪي مقرريون ميرٽ تي ڪيون آهن، اڄ تائين ڪنهن به مقرري کي ڪنهن عدالت ۾ چئلينج ناهي ڪيو ويو، گذريل حڪومتن ۾ هر مقرري جي خلاف عدالت سان رجوع ڪيو ويندو هو ڇو ته اهي ميرٽ ۽ قانوني طريقيڪار کان هٽي ڪري ڪيون وينديون هيون. اطلاعات ??اري وفاقي وزير ٻڌا??و ته وفاقي ڪابينا کي اسلام آباد پوليس جي اندر هڪ نئون يونٽ جوڙڻ جي حوالي سان پريزنٽيشن ڏني وئي آهي، اسلام آباد ۾ هجوم کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ نئون يونٽ جوڙيو ويندو جنهن ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي ۽ ڊرون ڪئميرائن جو استعمال پڻ شامل هوندو. هن چ??و ته سپريم ڪورٽ ڊي چوڪ کي بند ڪرڻ جي پابندي هڻي رکي آهي پر ڪجهه ماڻهو هتي اچي ان کي بند ڪري ڇڏين ٿا. اسلام آباد پوليس ۾ اهو نئون يونٽ جوڙڻ گهرو وزارت جو زبردست قدم هوندو. اطلاعات ??اري وفاقي وزير وڌيڪ چ??و ته وفاقي ڪابينا پيمرا ڪائونسل آف ڪمپلينٽس اسلام آباد جي نئين سر جوڙجڪ ۽ سيد محمد علي بخاري کي چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪائونسل ۾ ٽن عورت ميمبر پڻ شامل آهن. انهن ميمبرن ۾ مظفر برلاس، نعيم خان، نگهت سعيد، بتول زين ۽ طلعت عظيم شامل آهن. هن ٻڌا??و ته وفاقي ڪابينا سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ غيرملڪي اهلڪارن جي لاءِ پاڪستان آن لائين ويزا جي سهولت فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا افغانستان مان پاڪستان ايندڙن جي لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ تي لاڳو ويزا فيس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. افغانستان ۾ معاشي لحاظ کان صورتحال اهڙي آهي ??و افغان شهرين تي ويزا فيس رکڻ مناسب نه آهي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير ٻڌا??و ته وفاقي ڪابينا وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ سرڪاري ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجز ۾ ميرٽ تي داخلا جي لاءِ معيار ۽ ضابطي جي منظوري ڏني. ان فيصلي کانپوءِ ميرٽ جي تعين جي لاءِ داخلا ٽيسٽ ۾ حاصل نمبرن کي 50 سيڪڙو حصو ڏنو ويندو ۽ باقي 50 سيڪڙو حصو انٽرميڊيئٽ امتحانن ۾ حاصل ڪيل نمبرن کي ڏنو ويندو. هن ٻڌا??و ته وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 7 آڪٽوبر 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي جزوي توثيق ڪئي. ان ۾ ڪجهه اهم فيصلا اهي ??هن ته يوٽيلٽي اسٽورز تي 5 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ضرورت آهي ??ن مان ٽي لک 10 ميٽرڪ ڪڻڪ فراهم ڪئي وئي آهي، باقي ڪڻڪ جي فراهمي تيز ڪئي پئي وڃي. اسپيشل اڪنامڪ زون جي لاءِ 2.4 ارب رپين جي ڊيمانڊ هئي، ان کي ملتوي ڪيو ويو آهي. ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ اهو ٻيهر غور هيٺ ايندو. هن ٻڌا??و ته ڪابين?? ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس بابت ڪميٽي جي 4 آڪٽوبر 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ايجنڊا ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڪابينا توانائي واري وزير ۽ هوابازي واري وزير تي ٻڌل ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي، جيڪا انهن معاملن جو جائزو وٺي ٻيهر ڪابينا ۾ پيش ڪندي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چ??و ته وفاقي ڪابينا سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ پاور آف اٽارني جي دستاويزن جي آنل ائين تصديق جي طريقيڪار جي منظوري ڏني آهي. ان قدم سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني قانون دستاويزن جي جلد تصديق ڪرائي سگهندا جن جي لاءِ اڳ ۾ ڊگهي ??رصي تائين تائين انتظار ڪرڻو پوندو هو. هن چ??و ته هيستائين ڪابينا جو ڪو اهڙو اجلاس ناهي ٿيو جنهن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ معاملا غور هيٺ نه آيا هجن. هن چ??و ته اسان هزارين قيدين کي وطن واپس آندو، اڄ تائين ڪنهن حڪومت انهن پورهيتن بابت نه سوچيو هو، جيڪي معمولي ڏوهن جي ڪري ٻاهرئين ملڪن ۾ قيد هئا. چوڌري فواد حسين ٻڌا??و ته ڪابينا افغانستان جي واپارين جي سهولت لاءِ افغان واپارين کي پاڪستان بزنس ويزا جي فهرست ۾ شموليت جي منظوري ڏني. افغانستان مان ٽرڪن جي اچ وڃ ۾ اضافو ٿي ويو آهي، اسان افغانستان جي ماڻهن جي ليگل انٽري جي حوصلا افزائي ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان چاهيون ٿا ته غيرقانوني داخلا ختم ٿئي ۽ ان جي لاءِ اسان قانوني طريقيڪار کي آسان بڻائي رهيا آهيون. هن وڌيڪ ٻڌا??و ته وفاقي ڪابينا افعانين جي لاءِ پاڪستاني ويزا جاري ڪرڻ جي ضابطيڪار جي اصولي منظوري ڏني. ان ضابطيڪار ۾ سموريون ويزائون آن لائين جاري ٿينديون ۽ ويزا حاصل ڪرڻ جي انتظامي ڪارروائي جو مدو گهٽ کان گهٽ هوندو. هن ٻڌا??و ته ڪابينا اسلام آباد ريئل اسٽيٽ (ريگيوليشنز اينڊ ڊيولپمينٽ) ايڪٽ 2020ع تحت زمينن جي خريد ۽ وڪري کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ ريئل اسٽيٽ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. اطلاعات ??اري وفاقي وزير ان موقعي تي ٻڌا??و ته گذريل رات ??زيراعظم عمران خان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جي ڊگهي ويهڪ ٿي، عسڪري ۽ سياسي قيادت جو پاڻ ۾ ويجهو ۽ خوشگوار تعلق آهي. وزيراعظم آفيس ڪڏهن ڪو اهڙو ??دم نه کڻندي جنهن سان پاڪستان جي فوج ۽ سپهه سالار جي عزت تي فرق اچي ۽ نه ئي عسڪري قيادت ڪو اهڙو ??دم کڻندي جنهن سان وزيراعظم آفيس يا جمهوري نظام کي نقصان پهچي. هن چ??و ته نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي لاءِ جيڪو قانوني طريقو آهي ??هو اختيار ڪيو ويندو، ان تي ٻنهي ??خصيتن جو اتفاق آهي، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي لاءِ اٿارٽي وزيراعظم آهي، ان مقرري تي سدائين وڏي پئماني جي مشاورت ٿيندي رهي ??هي، سمورين قانوني ضرورتن کي مڪمل ڪري نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ڪئي ويندي. ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ سموريون آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون. هڪ ٻئي سوال تي هن چ??و ته شوڪت ترين هن وقت آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جيستائين ان ڳالهه جو تعلق آهي ??ه هو سينيٽ جي چونڊ وڙهندو، ان تي ڳالهه ٿي چڪي آهي، ان وقت تائين هو آئيني ۽ قانوني طريقي سان پنهنجو ڪم جاري رکندو. هڪ سوال تي هن چ??و ته اسان جو سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ??ه اسان کي فيڪ نيوز کي اصل خبر کان ڪهڙي طرح جدا ڪرڻو ۽ جانچڻو آهي. ميڊيا کي درخواست آهي ??ه اها سوشل ميڊيا تي ايندڙ خبرن جي لازمي تصديق ڪري. بلوچستان جي صورتحال جي حوالي سان سوال تي اطلاعات ??اري وفاقي وزير چ??و ته اسان جي خواهش آهي ??ه بلوچستان ۾ سياسي استحڪام هجي، اتي معاملا آئيني ۽ سياسي طريقي موجب اڳتي وڌن. بلوچستان جي گورنر بلوچستان جي سياسي صورتحال بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني آهي. گورنر جو آئيني ڪردار آهي ??ه هو وفاق کي صوبي ۾ ٿيندڙ معاملن کان باخبر رکي. هن چ??و ته جيڪو به آئيني طريقو هوندو ان کي نظر ۾ رکندي اسان اڳتي وڌنداسين.