اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ محفوظ، م??تح??م ۽ پرامن افغانستان جي اهميت تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عالمي برادري جي موقف ۾ پڻ تبديلي جي ضرورت آهي، افغان عوام جي ڀلائي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دور?? تي آيل اسپين جي پرڏيهي وزير جوزي مينوئل البرس بوئنيو سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ محفوظ، م??تح??م ۽ پرامن افغانستان جي اهميت تي ز??ر ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ بدلجندڙ حقيقت سان عاليم برادري جي موقف ۾ به تبديلي جي ضرورت آهي. هن ز??ر ڏنو ته افغان عوام جي ڀلائي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغان عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ملڪ جي معاشي ا??تح??ام کي يقيني بڻائ?? جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي. وزيراعظم عالمي برادري جي مثبت انگيجمينٽ تي ز??ر ڏنو ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال م??تح??م ٿئي، امن برقرار رهي ۽ ڪنهن به وڏي پئمان?? تي هجرت کي روڪي سگهجي. اسپين جي پرڏيهي وزير سفارتي مشنز ۽ عالمي ادارن جي شهرين ۽ اهلڪارن جي انخلا ۾ سهولت فراهم ڪر?? جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان اسپين لاڳاپا سمورن شعبن ۾ مضبوط ٿيندا رهندا. وزيراعظم اسپين ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت ڪردار پڻ ساراهيو.