پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن پشاور ۾ مغل دور ۾ تعمير ٿيل تاريخي عمارت علي مردان خان ويلا جو دورو ڪيو ان موقعي تي خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ?? وڏو وزير محمود خان کانسواءِ عسڪري ۽ قديمي آثارن واري کاتي جا عملدار به موجود هئا. وزيراعظم کي علي مردان ويلا جي بحالي ۽ رنگ روغن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
وزيراعظم عمران خان ڄاڻايل عمارت جي بحالي ۽ رنگ روغن لاءِ آرڪيالاجي ??اتي جي ??وششن کي ساراهيو، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪري ايندڙ نسلن کي پنهنجي شاندار ماضي جي باري ۾ آگاهي ڏيڻي آهي. وزيراعظم علي مردان ويلا جي مختلف حصن جو دورو به ڪيو ۽ هتي موجود مغليه دور جي آثار قديمه جو معائنو ڪيو.
ياد رهي ته علي مردان ويلا 11 ڪور آرمي هيڊڪوارٽر جي اندر واقع آهي، اه?? عمارت مغل دور ۾ علي مردان خان 17 هين صدي ۾ ٺاهي هئي جيڪو مغل بادشاهه شاهج??ان جي حڪومتي دور جو مشهور سپه سالار، انجنيئر ۽ ڪشمير، ڪابل ۽ لاهور جو گورنر رهيو آهي، مغليه فن تعمير جي اه?? شاهڪار عمارت پنهنجي دور جي خوبصورت ترين عمارتن ۾ شامل هئي. 2015ع کان پهرين ڄاڻايل عمارت ڌيان نه ڏيڻ سبب کنڊر جو منظر پيش ڪر?? رهي هئي جنهن تي آرڪيالاجي پاڪ فوج جي تعاون سان 2015ع ۾ ان جي بحالي ۽ رنگ روغن شروع ڪيو جيڪا هاڻي مڪمل ٿي چڪي آهي.
تاريخي عمارت علي مردان خان کانپوءِ سک حڪومتي دور ۾ فرانسيسي نزاد جنرل ڪلاوڊ آگسٽ ان عمارت کي پنهنجو آستانو بڻايو ۽ 1827ع کان 1843ع تائين ات?? رهيو ان کانپوءِ 1847ع ۾ ليفٽيننٽ جنرل سر جارج لاورنس جيڪو پشاور جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر هو، ان عمارت کي سرڪاري طور ت?? رهائشگاهه ۾ تبديل ڪري پنهنجي خاندان سان مستقل رهڻ لڳو بعد ۾ ليفٽيننٽ جنرل هيري بٽ به ان تاريخي عمارت ۾ رهيو ان کانپوءِ اه?? عمارت رڪارڊ روم جي طور تي به استعمال ۾ رهي آهي.