اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ عمل جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ و??ٽن?? مشين جلد تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جديد ٽي??نالاجي چونڊ عمل آسان ۽ ان تي عوام جو اعتماد وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، لاڳاپيل ادارا و??ٽن?? مشين جي جلد تياري لاءِ ٽائيم لائنز طئي ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪٽرانڪ و??ٽن?? مشين بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اعظم خان سواتي، سائنس ۽ ٽي??نالاجي يوفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، انفارميشن ٽي??نالاجي وارو سيڪريٽري نديم ارشاد ڪياني، نادرا جي وقت چيئرمين خالد لطيف، آءِ ٽي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل خضر عزيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مقامي طور تي تيار ڪيل جديد س??ڪي??رٽي خاصيتون رکندڙ و??ٽن?? مشين جي تياري جي سلسلي ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سائنس ۽ ٽي??نالاجي واري وزارت پاران اليڪٽرانڪ و??ٽن?? مشين جي نموني جي تياري جي باري ۾ اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صدر چيو ته چونڊ عمل جي مجموعي ڪارڪردگي ۽ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ و??ٽن?? مشين جلد تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.