نوشهره – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته طاقتور ماڻهو، قانون جي هيٺ نٿا اچڻ چاهين، پي ڊي ايم جهڙو اتحاد ٺاهي وٺندا آهن، اهي چاهين ٿا ته اهي چوري ڪن، ڌاڙا هڻن ۽ مني لانڊرنگ ڪن پوءِ به ڪير ا??هن کي نه پڪڙي، سڀني شعبن ۾ مافيا ويٺل آهي، شوگر مافيا مهانگي کنڊ وڪرو ڪندي آهي ۽ ٽيڪس ناهي ڏيندي، ڪمزور ۽ طاقتور جي لاءِ قانون هڪ هجڻ گهرجي، موجوده حڪومت سستي گهرن جو خواب پڄاڻي تائين پهچايو، بئڪن کي غريب ماڻهن کي قرض ڏيڻ جي عادت نه آهي، قرض کي جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪرڻ گهرجي، جيڪو معاشرو پنهنجي ڪمزور ۽ غريب طبقي جو خيال ناهي رکندو اهو ترقي نٿو ڪري سگهي، پناهگاهن جو سلسلو سڄي ملڪ ۾ پکيڙينداسين، آبادي وڌڻ ۽ شهرن جي پکيڙ سان فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا ٿيندا، نئين پاڪستان هائوسنگ منصوبي ??ان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو گهر ميسر ا??ندو. وفاقي حڪومت هر گهر تي 3 لک سبسڊي فراهم ڪندي، هن اهڙن خيالن جو اظهار نئين پاڪستان هائوسنگ منصوبي ??حت جلوزئي هائوسنگ اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.