اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) قومي ا??يمبلي وزيراعظم عمران خان تي ا??تماد جي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، مجموعي طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي ا??حادي پارٽين جي 178 ميمب??ن وزيراعظم عمران خان تي ا??تماد جو اظهار ڪيو آهي. آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 7 جي گهرج کي پورو ڪندي قومي ا??يمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويو هو. وزيراعظم عمران خان 2018ع ۾ وز??رت عظميٰ جو عهدو سنڀاليو هو ته ان وقت قومي ا??يمبلي جي 176 ميمبرن اعتماد جو ووٽ ڏنو هو. قومي ا??يمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس شروع ٿيڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي قرارداد ??يش ڪئي ته هي ايوان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (7) جي متفضيات موجب اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان تي ا??تماد جو اظهار ڪري ٿو. اسپيڪر ايوان ۾ ووٽن جو طريقيڪار ٻڌائيندي چيو ته ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ کان اڳ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄايون وينديون. سمورا داخلي دروازا بند ڪيا ويندا. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪو به دروازو نه کلندو ۽ ڪير به اندر نه اچي سگهندو نه ٻاهر وڃي سگهندو. ميمبرن جو نالو سڏ ڪرڻ تي هر ميمبر ان جي ساڄي پاسي لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائيندو. ان کانپوءِ اسپيڪر اعتماد جي ووٽ جي لاءِ عمل شروع ڪيو ۽ ايوان ۾ 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄائڻ جو حڪم ڏنو. 5 منٽن کانپوءِ اسپيڪر سمورا داخلي دروازا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اسپيڪر پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاران ??يش ڪيل قرارداد ايوان ۾ ??يش ڪئي. سمورن ميمبرن قرارداد جي ڊيسڪ وڄائي ڀرپور انداز ۾ آجيان ڪئي. ان دوران مخالف ڌر پاران رڳو هڪ ميمبر محسن داوڙ ايوان ۾ موجود رهيو. اسپيڪر چيو ته جيڪي ميمبر اعتماد جو ووٽ ڏيڻ چاهين ٿا اهي انهن جي ساڄي پاسي واري لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرائين. ان کانپوءِ قومي ا??يمبلي جي ميمبرن هڪ ٻئي پٺيان لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرايو. وزيراعظم عمران خان به سمورن ميمبرن سان گڏ لابي ۾ وڃي پنهنجو ووٽ رجسٽرڊ ڪرايو. ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي ميمبر ايوان ۾ واپس آيا جنهن کانپوءِ اسپيڪر قرارداد جي حق ۾ وڌل ووٽن جي انگ جو اعلان ڪيو. هن ايوان کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي حق ۾ اعتماد جي قرارداد منظور ٿي وئي آهي. اسپيڪر چيو ته ان کان اڳ آگسٽ 2018ع ۾ عمران خان 176 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊيو هو جڏهن ته هاڻي هن اڍائي سالن کانپوءِ 178 ووٽ حاصل ڪيا.