اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقت??اد?? رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊيڊ روانگي واپار جي فروغ ل??ءِ سوتي ڌاڳي تي 30 جون 2021ع تائين 5 سيڪڙو درآمدي ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ?? اين ايڇ اي جي ريوينيو ۾ اضافي جي ل??ءِ روڊ ميپ جي تياري جي ڏس ۾ منصوبابندي واري وزير اسد عمر جي قيادت ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اي سي سي لاجسٽڪ ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ آڻيندڙ جهازن جي برٿنگ کي ترجيح ڏني وڃي جڏهن ته ان ڳالهه جو به خيال ??کيو وڃي ته ان سان ٻيو درآمدي مال متاثر نه ٿئي. ڪابينا جي اقت??اد?? رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.