اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستاني فلمون ۽ ڊراما دنيا ۾ پيش ڪرڻ، معياري مواد جي تياري، براڊ ڪاسٽنگ اوزارن جي درآمد سميت هر قسم جو رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??ڪومت سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ??يار آهي، فلم کي باقاعده صنع?? جو درجو ڏيڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٽيڪس ڇوٽ جون تجويزون وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪيون وينديون. پرائم منسٽر اڪنامڪ ريچ آئوٽ انيشيٽو فلمي صنعت جي ذريعي پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??يندڙ رڪاوٽن ختم ڪرڻ جو فورم آهي، پاڪستاني ڊراما، فلمون ۽ آرٽ مل?? جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هو ??طل??عات ۽ نشريات واري وزير جي اهتمام هيٺ پرائم منسٽر اڪنامڪ ريچ آئوٽ انيشيٽو تحت سافٽ پاور جو فروغ ۽ پرڏيهي ناڻوحاصل ڪرڻ جي عنوان سان مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ??طل??عات ۽ نشريات واري سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو سيڪريٽري، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسوسيئيشن، فلم ايسوسيئيشن، جنگ ميڊيا گروپ، ايور ريزي پيڪيجز گروپ، ايگزبيٽر گروپ، جي اي ايم گروپ، اي آر وائي ميڊيا گروپ جي عهديدارن، پرڏيهي وزارت، واپار، ادبي ورثو، ايف بي ??ر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا عملدار شريڪ هئا.