اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثا??يه نشتر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪارپوريشن (اين ٽي سي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، اين ٽي سي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر برگيڊيئر (ر) وقار راشد خان اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار کي آگاهه ڪيو. هتي جاري ڪيل هڪ پريس رليز موجب وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثا??يه نشتر اين ٽي سي هيڊڪوارٽر ۾ نيشنل ڊيٽاسينٽر جو دورو ڪيو ۽ اين ٽي سي جي ڪارڪردگي ۽ ڪلاوڊ بيسڊ III، آءِ ايس او 27001 سرٽيفائيڊ نيشنل ڊيٽا سينٽر(اين ڊي سي) جي قيام کي ساراهيو. ??ن موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ثا??يه نشتر چيو ته حڪومت طرفان شروع ڪيل ??حس??س پروگرام پوئتي پيل عوام جي ترقي جي لاءِ پاڪستان ۾ هيستائين شروع ڪيل سڀ کان وڌو پروگرام آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاڪستان جي مستحق شهرين جي سهولت جي لاءِ متحرڪ ڊجيٽل سوشل ايڪو سسٽم تي تيزي سان اڳتي وڌ?? رهيو آهي، ٽيڪنالاجي جي استعمال شفافيت ۽ غربت جي خاتمي لاءِ حڪومت طرفان شروع ڪيل پروگرام کي موثر ??ڻايو آهي.