اس??ام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خا?? جي هدايت تي حڪومت ميڊيا صنعت جي مسئل?? جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي، ميڊيا صنعت جي ترقي ۽ صحافي?? جي حق?? جي تحفظ لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان اي پي اين ايس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبرن وڊيو لنڪ تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اي پي اين ايس جي سيڪريٽري جنرل سرمد علي، شهاب زبيري، مجيب الرحمان شامي، قاضي اسد عابد، نجم الدين شيخ، مشتاق احمد، فوزيه شاهين، محسن بلال، فيصل زاهد ملڪ، سيد هارون شاهه، نويد چوڌري، ممتاز اي طاهر ۽ ٻين ميمبرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اشتهار جي رهت?? جي ادائگي ترجيحي بنيادن تي ڪئي پئي وڃي، ان مد ۾ 74 ڪروڙ رپيا ادا ٿي چڪا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور جي اشتهار?? جي مد ۾ اٽڪل 45 ڪروڙ رپي?? جي ادائگي ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا معاشي عدم استحڪام جو شڪار آهي، ان جا منفي اثر اسا?? جي معيشت تي به پيا، اسان سڀني کي گڏجي انهن مشڪل حالتن جو مقا??لو ڪرڻو آ??ي. هن چيو ته ميڊيا معاشري جو اهم ٿنڀ آهي، ميڊيا نه رڳو عوام ۾ آگاهي پيدا ڪري ٿي پر ان شعبي سان هزارين خاندانن جو روزگار پڻ واڳيل آهي.