اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماحول شناس هجڻ ج?? ناطي منهنجي لاءِ اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ايندڙ نسلن جي لاءِ ورثي ۾ سرسبز ۽ شاداب پاڪستان ڇڏيو وڃي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بلوڪي، پنجاب ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ ج?? مهم (#10 Billion Tree Tsunami) تحت مافيا کان آزاد ڪرايل زمين تي وڻڪاري جي هڪ سال کانپوءِ وڏي تب??يلي نمايان آهي. وزيراعظم بلوڪي ۾ آزاد ڪرايل زمين جي وڻڪاري کان اڳ ۽ هڪ سال کانپوءِ جي تصوير پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ واضح فرق ڏسي سگهجي ٿو ۽ اتي وڻڪاري جي نت??جي ۾ هاڻي مڪمل سرسبز آهي.