اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ ڪو نئون ٽيڪس ناهي لڳايو، 1600 کاڌي پيتي جي شين تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 10 ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيا ويا آهن، صحت جي بجيٽ ٻيڻي ڪئي وئي آهي، اين ايف سي ايوارڊ جا فنڊز نه ٿا روڪي سگهجن، ٽيڪس فري ??جيٽ، صحت ۽ تعليم ۾ اضافي، مالي امداد جي پئڪيج ۽ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ وقت سر فيصلاسازي تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، اسان کي پنهنجي وسيلن موجب اڳتي وڌڻو آهي، امير ملڪن جا وسيلا وڌيڪ آهن، اهي مهينن تائين لاڪ ڊائون جي صورتحال ۾ رهي سگهن ٿا، اسان ائين نه ٿا ڪري ??گهون. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ تي بحث سهيڙيندي وفاقي وزير حماد اظهر چيو ته سينيٽ ميمبرن، ڪميٽي جا ٿورا مڃان ٿو جن بجيٽ جي حوالي سان سفارشون ڏنيون آهن، عوام هن بجيٽ ۾ اهو ئي ڏسڻ پئي چاهيو ته پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي بجيٽ ٺاهي وڃي ۽ سفارشون ڏنيون وڃن، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ميمبرن جي سفارشن کي سنجيدگي سان وٺون، چيو ويو ته معيشت جي خراب ??ال?? آهي، ائين نه آهي، ڪورونا لاڪ ڊائون کان اڳ ڪرنٽ اڪائونٽ، واپاري ??سارو ايترو خراب نه هو، پرائمري ??رپلس ??هر??ون ڀيرو ٿيو. 4800 ارب جي ٽيڪس وصولي جو هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان پرعزم هئاسين، فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ ٻيڻي ٿي، ايف بي آر ??هر??ن کان وڌيڪ ري فنڊ ۽ ڪليمز ڏنا، ڪاروبار کي آسان بڻايو، ان حوالي سان اسان جي عالمي درجابندي بهتر ٿي، ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان 27 مان 14 نقطا پورا ڪيا، ڪورونا جي آفت سان پوري ??نيا متاثر ٿي، اسان جي معيشت کي به ان سان تمام گهڻو نقصان ٿيو.