اسلام آباد – 15 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آه?? ته پاڪستان ۾ 6 کان 8 هفتن ۾ ڪورونا کان بچاءُ جي دوا ٺهڻ شروع ٿي ويندي، ان قدم سان پاڪستان ۾ ڪورونا جي مريضن ۽ هيلٿ ورڪرز کي ڪوويڊ 19 جي وبا کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ جديد بنيادن تي سهولت ملي ويندي، آمريڪن ڪمپني پاڪستاني ڪمپني بي ايف بائيو سائنسز کي ڪورونا وائرس جي دوا ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آه??، دنيا ۾ ٻن ملڪن کي دوا ٺاهڻ جي اجازت آه??، پاڪستان ان ۾ سرفهرست آه??، GILEAD ڏکڻ ايشيا جي 5 مينوفيڪچررز سان معاهدو ڪيو آه??، اهو قدم پاڪستان جي صحت جي شعبي، معاشي ۽ سفارتڪاري جي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي آه??. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا، واپار واري خاص معاون عبدالرزاق دائود، فارماسيوٽيڪل ڪمپني جي س??بر??هه عثمان خالد نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا.