اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر جي منطق نرالي آهي، مسجدون کلڻ تي اعتراض ڪن ٿا پر پا??ليامينٽ کولڻ جي لاءِ بي تاب آهن، شهباز ش??يف هڪ طرف ڪورونا وائرس جي خوف کان نيب جي ٽي رڪني جاچ ٽيم جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي سماجي فاصلي تي اصرار آهي، ٻئي طرف سوين پا??ليامينٽرينز جي موجودگي ۾ اجلاس طلب ڪرڻ تي ضد ڪري رهيو آهي، اجلاس گهرائڻ اسپيڪر جو استحقاق آهي حڪومت کي ڪو اعتراض نه آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته (ن) ليگي قيادت قول ۽ فعل ج?? تضاد جو زندهه مثال آهي.