لاهور – 23 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گذ??يل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هيلٿ پروفيشنلز کي بهترين تعليم ڏئي ٻاهر موڪلڻ جي غلطي ڪئي وئي هاڻي اهو سودو پاڪستان کي منظور نه آهي، حڪومت ۽ معاشري کي گهرجي ته اهي ڊاڪٽرن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن ته جيئن قوم انهن جي خدمتن کان محروم نه رهي. هو ايوان اقبال ۾ فاطمه جناح ميڊيڪل ي??ني??رسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو.