اسلام آباد – 19 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ٻار قوم جو مستقبل ۽ پاڪستان جا وارث آهن، ٻار ئي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا، ٻار?? جي حقن جو تحفظ ۽ انهن کي بهترين تعليمي ۽ طبي سهولت?? جي فراهمي اسا?? جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، اسلام ٻار?? جي حق?? جي تحفظ تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي، مسلما?? جي حيثيت سان ٻار?? جي حقن جو تحفظ اسا?? جي ذميواري آهي، مديني جي رياست ۾ اڄ کان 1440 سال اڳ ٻارن کي سماجي ۽ معاشي تحفظ فراهم ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز پيپس اسلام آباد ۾ ٻار?? جي حق?? جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.