اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي لاءِ 15 مارچ ??ي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي گڏيل قومن ۾ پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد جي منظوري تي مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اڳيون چئلينج ان تاريخي قرارداد ??ي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آئون مسلمان امت کي اڄ مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته جڏهن اسلامو فوبيا جي خلاف اسان جي بلند ڪيل آواز کي ٻڌو ويو ۽ گڏيل قومن پاڪستان پاران او آءِ سي جي نمائندي ??ور تي متعارف ڪرايل قرارداد کي منظور ڪيو ??يو جنهن ۾ 15 مارچ کي اسلامو فوبيا جي تدارڪ جي ڏينهن طور ملهائڻ آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن گڏيل قومن آخرڪار دنيا کي وڙهائڻ جي درپيش اسلامو فوبيا، باقاعده منصوبابندي ??ان نفرت آميز تقريرن ۽ مسلمان امت جي خلاف فرق جي روڪٿام جي حوالي سان درپيش وڏن چئلينجن جو ادراڪ ڪري ورتو آهي. وزيراعظم چيو ته اڳيون چئلينج ان تاريخي قرارداد ??ي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي.