اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر گهٻرائٽ جو شڪار آهي، فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ زرداري اسا?? جي ماڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهڙي لوٽاڪريسي کي عوام سختي سان رد ڪيو آهي، وزيراعظم ع??را?? خان نه اڳ ۾ بليڪ ميل ٿيو هو ۽ نه هاڻي ٿيندو، وزيراعظم جا تازا جلسا ان ڳالهه جو وا??ح ثبوت آهن ته عوام ان تي مڪمل اعتماد ڪري ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته ڪور ڪميٽي وزيراعظم ع??را?? خا?? جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، ڪور ڪميٽي ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال، خاص طور تي بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان معاملا بحث هيٺ آيا، ان کانسواءِ اسا?? جي سياسي حڪمت عملي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. چوڌري ??واد حسين چيو ته بي اعتمادي رٿ اچڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ وڌيڪ مضبوط ۽ منظم ٿي آهي. بي اعتمادي رٿ ستل شينهن کي اٿاري ڇڏيو آهي. اڄ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ع??را?? خا?? جي ڪال جا منتظر آهن. هن چيو ته ع??را?? خان ۽ پي ٽي آءِ ڪڏهن بليڪ ميل ناهي ٿي، ٽن ڄڻ?? جي ٽولي جو اهو آخري حربو هوندو، اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته وزيراعظم ع??را?? خان چوڌري شجاعت حسين کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، مسلم ليگ (ق) سدائين اسان سان تعاون ڪيو آهي. سڀئي اتحادي اسان سان گڏ رهندا، حڪومت، سياست ۽ مستقبل اسان وٽ آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو ته ثابت ٿي ويو آهي ته ملڪ ۾ واحد وفاقي پارٽي تحريڪ انصاف آهي، ع??را?? خان واحد وفاق جو اڳواڻ آهي، انهي جي ڪري ??خالف ڌر جون ڪانپين ٽانگ رهيون آهن، مخالف ڌر اسان جو مقابلو ڪرڻ کان پهرين عوامي ريفرنڊم ڏسي وٺي، ماڻهو ڪٿي بيٺل آهن، فضل الرحمان، شهبازشريف ۽ زرداري ??اڻهن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام اهڙي طرح جي لوٽاڪريسي کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، اسا?? جي جن ميمبرن کي آڇ ڪئي وئي انهن پارٽي ۾ اچي اسان کي ٻڌايو، اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جڏهن اقتدار ۾ آئي ته سڄي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بند هئي، اڄ ملڪ ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري بحال ٿي آهي، صحت ڪارڊ سان ماڻهن کي صحت جون سهولتون ميسر آيون آهن. تعميراتي شعبي ۾ ترقي ٿي آهي. تحريڪ انصاف رڪارڊ سڌارا ڪيا، اهو ئي سبب آهي جو اڄ ملڪ صحيح رخ ۾ گامزن آهي. هن چيو ته اسان جو مقابلو انهن ماڻهن سان آهي ج?? جي دولت ٻاهرين ملڪ پيل آهي. آصف زرداري، نواز شريف ۽ ڪجهه ميڊيا مالڪن کي ڊپ آهي ته ڪٿي انه?? جي ٻاهرين ملڪ دولت ضبط نه ٿي وڃي، اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته پاڪستان اڄ آزاد پرڏيهي پاليسي تي گامزن آهي. اڄ پاڪستان کي ڪير ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪانفرنس ٿيڻ وڃي رهي آهي، اسا?? جي خواهش آهي ته اهڙو شيڊول جوڙيون جو او آءِ سي اجلاس متاثر نه ٿئي. هن چيو ته وزيراعظم ع??را?? خان قائداعظم جي رستي تي گامزن آهي، تحريڪ انصاف جي اوورسيز ڪنوينشن ۾ پوري دنيا کان پاڪستانين شرڪت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته شيخ رشيد صاحب اسان جو اتحادي آهي، ڪالهه هن پنهنجي بيا?? جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته مسلم ليگ (ق) سدائين اسان سان تعاون ڪيو، پي ٽي آءِ ميمبر?? جي خواهش آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس جلد گهرايو وڃي. اجلاس گهرائڻ جو فيصلو اسپيڪ?? کي ڪرڻو آهي چاهيون ٿا ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جو شيڊول او آءِ سي ڪانفرنس سان ٽڪراءُ ۾ نه هجي، انهن مشڪر?? جي اها آخري راند آهي، اڳئين چال اسان هلنداسين، اطلاعات واري ??فاقي وزير صحافي?? جي سوال?? جي جواب ۾ چيو ته پي ٽي آءِ جو ڪو اهڙو ميمبر نه آهي جيڪو ان موقعي تي ع??را?? خان سان غداري ڪندو. اسا?? جي هڪ ميمب?? کي 16 ڪروڙ ۽ هڪ کي 20 ڪروڙ روپي?? جي آفر ڪئي وئي، هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ ڪو به ناراض نه آهي، گلا شڪوه ٿيندي رهندي آهي، پر سڀ گڏ آهيون، توهان مخالف ڌ?? کي هٿ مهٽيندي ڏسندا.