اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيش?? جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران پوليو جي خاتمي سلاٹ_مشین/117331.html">لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ معاونت کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۾ پوري هڪ سال کان پوليو وائرس جو هڪ به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو ۽ صورتحال اميد جوڳي نظر اچي ٿي جڏهن ته اسان ان حوالي سان قدم جاري رکنداسين. هن وڌيڪ چيو ته پوليو مهم جو تجربو ڪوويڊ 19 جي وبا دوران تمام گهڻو مددگار ثابت ٿيو جنهن ۾ پاڪستان غيرمعمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. صدر هلال پاڪستان جو اعزاز حاصل ڪرڻ تي بل گيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ايوارڊ انسانيت جي سلاٹ_مشین/117331.html">لاءِ ا?? جي فلاحي خدمت?? جي اعتراف ۾ آهي. صدر چيو ته پاڪستان ماءُ ۽ ٻار جي غذائي ضرورتن کي بهتر بڻائڻ جي سلاٹ_مشین/117331.html">لاءِ قدم کڻ?? رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ احساس جو تمام سٺو پروگ??ام شروع ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بل گيٽس چيو ته بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن پاران گيسٽرڪ مائيڪرو بايوم تي ڪئي ويندڙ تحقيق سان ان سلسلي ۾ ڪجهه چئلينجز تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ مائيڪرو سافٽ سان شاندار تعاون جو منتظر آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ موجود آهي جيڪو چوٿين صنعتي انقلاب جي گهرجن کي منهن ڏيڻ ۾ تمام گهڻو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.