اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي ميون جي پيداوار ۾ اضافي جي ذريعي روانگي واپار کي فروغ ڏئي سگهج?? ٿو، روانگي واپار جي فروغ لاءِ ويليو ايڊيشن ۽ ٻجن جي معيار ۾ بهتري جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپار واري وزارت ۽ سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ ترشاوه ميوا (موسمي ۽ مالٽا) شو 2022ع جي ت??ري?? کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا ۾ پا??ستاني ميون جي شهرت ۽ ملڪ ۾ دستياب سهولتن بابت هن ت??ري?? جو اهتمام اهميت رک?? ٿو. پا??ستان اسرندڙ ملڪ آهي. روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي وچ ۾ توازن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ملڪ ۾ روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته الله تعاليٰ هر شيءَ کي خوبصورت ۽ منفرد بڻايو آهي. انسان شين جي پلاسٽڪ سان پيڪنگ ڪر?? ٿو. خوبصورت پيڪنگ جي ذريعي مصنوعات کي پرڪشش بڻايو وڃ?? ٿو. هن چيو ته اسان کي ويليو ايڊيشن ۽ پيداواري لاڳت گهٽ ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پيداواري لاڳت گهٽ ٿيڻ سان هر شخص ان کي استعمال جي لاءِ خريد ڪري سگه?? ٿو. اسان کي مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ دنيا جي تجربن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ملڪي سطح تي ماحولياتي صورتحال جي ڏس ۾ تحقيق ڪري بهتر بڻايو پيو وڃي. مصنوعات جي پيداوار ۾ اضافي ۽ روانگي واپار جي فروغ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ۾ آندي وڃي. هن چيو ته يونيورسٽين کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب تعليم ۽ مهارتن کي فروغ ڏيڻ گهرجي. سرگوڌا يونيورسٽي، سرگوڌا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي ڀرپور تعاون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت روانگي واپار جي فروغ ۽ مصنوعات ۾ بهتري جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته ميون کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ جي لا??ِ ڪولڊ چين هجڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ جلد امن ٿيندو. افغانستان جي معيشت بهتر ٿيندي ته اتي به پا??ستاني مصنوعات خاص طور تي ميون جي گهرج وڌندي. پا??ستان ترشاواه ميوا پيدا ڪندڙ 11هون وڏو ملڪ آهي. ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. غذائيت تي ٻڌل پيداوار تي ڌيان ڏنو وڃي. مصنوعات جي سرٽيفڪيشن ٿيڻ گهرجي. ان سان ويليو ايڊيشن ۾ بهتري ايندي. مصنوعات جي کپت ۽ قيمت وڌيڪ ٿيندي. هن چيو ته پا??ستان جي مينگو ڊپلوميسي ڪامياب رهي. دنيا ۾ انب موڪلي ان جي قدر ۽ اهميت ۾ اضافو ڪيو وڃ?? ٿو.