اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته روزاني ڊان پ??ٽر??ل جي اگهن ۾ اضافي جي اثرن ۽ ناڻ?? واري وزارت جي ترجما?? جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ بابت خبر ته پهرين صفحي تي نمايان انداز ۾ شايع ڪئي پر اڄ ٻئي ڏينهن ان تي ڪجهه لائين?? جي معذرت اندر جي صفحي تي غيرنمايان انداز ۾ شايع ڪئي، اهو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهو پهريون موقعو نه آهي جو ڊان فيڪ سوشل ميڊيا جي بنياد تي پهريون صفحو ڀري ڇڏيو هجي. هن چيو ته ڊا?? جي پهرين صفحي تي خبر ڏسو ۽ ان خبر تي معذورت ڪٿي ڇپي آهي، اهو به ڏسو. هن چيو ته ان کان اڳ ڊان نيوز فيڪ ميڊيا قانون شايع ڪيو ۽ ايڊيٽوريل به لکي ڇڏيو ۽ اڄ تائين معافي ناهي ورتي، اهو رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. ياد رهي ته ڊان نيوز ناڻ?? واري وزارت جي ترجما?? جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ کي بنياد بڻائي فرنٽ پيج تي خبر لڳائي هئي. چوڌري فواد حسين ان حوالي سان ناڻ?? واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم جو ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڊان هٿ ٺوڪي خبر ته پهرين صفحي تي شايع ڪئي ۽ ان خبر تي معذرت اندر جي قومي خبر?? جي صفحي تي شايع ڪئي. ميڊيا جو اهو طرزعمل نه هجڻ گهرجي. اخبار معذرت به انهي صفحي تي شايع ڪري جنهن تي خبر شايع ڪئي وئي هئي ٻي صورت ۾ ا?? جي ڪا ضرورت نه آهي.