اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر جهڙن ماڻهن ڪڏهن پنهنجي پئسن سان خريداري ڪئي هجي ته کين خبر هجي ته مه??نگائي ڇا کي چوندا آهن، پوري دنيا ۾ رڪارڊ مه??نگائي ٿي آهي، ان حقيقت کي ختم نٿو ڪري سگهجي، خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ ن ليگ آخري نمبر تي آهي، ان تي ندامت ٿيڻ گهرجي. مريم صفدر جي بيان ۾ پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪي پي ڪي بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي هڪ هڪ سيٽ تي درجنين پارٽي ڪارڪنن جي دلچسپي جون درخواستون مليون، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير وانگر ن ليگ کي ڪي پي ڪي جي بلدياتي اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست ٿي آهي، هن چيو ته ڪاش مريم صفدر اڄ ڪي پي ڪي جي اليڪشن ۾ شڪست کي کلي دل سان تسليم ڪري ها، هن چيو ته عمران خان کي 2018ع جي اليڪش?? ۾ 5 سالا حڪوم?? جو مينڊيٽ عوام ڏنو آهي، پنهنجو مدو مڪمل ايندڙ اليڪشن ۾ به ڪلين سوئيپ لاءِ پرعزم آهيون. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف ته عدالتي ڀڳوڙو آهي، همت هجي ها ته ائين علاج جو بهانو بڻائي فرار نه ٿئي ها، ن ليگ تقسيم در تقسيم ٿي چڪي آهي، پهرين پارٽي قياد?? جو فيصلو ڪري وٺو، شهباز شريف متحرڪ ٿئي ٿو ته مريم صفدر ٻن مهينن جي آرام تي هلي ويندي آهي.