اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته شهباز شريف ڄاڻي واڻي منصوبابندي تحت سلمان شهباز کي پاڪستان مان فرار ٿيڻ جي اجازت ڏني. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته شهباز شريف مفرور ??لمان شهباز کي پاڪستان واپس گهرائي ۽ عدالتن جي سامهون پيش ڪري. فرخ حبيب چيو ته ن ليگ قوم جي لُٽيل د??لت جو حساب ڏي، مملڪتي وزير چيو ته 2008ع کان 2018ع دوران شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير هو، حمزه شهباز ۽ مفرور ??لمان شهباز پنهنجي شگر ملز جي نوڪرن، ڪلارڪن جي نالي تي 28 ڳجها اڪائونٽس ٺاهيا، هن چيو ته انهن ڳجه?? اڪائونٽس جي ذريعي 16 ارب روپين کان وڌيڪ جي ناجائز د??لت ۽ ڪرپشن لڪائي وئي. مملڪتي وزير چيو ته هڪ ٽ??ي جي ڪرپشن نه ڪرڻ جا دعويدار اربين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث نڪتا.