اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ٿائيلينڊ سان سياسي رابطن ۽ واپاري ۽ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ?? واپار ۽ سيڙپڪاري جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان جي جيو اڪنامڪ پاليسي جو م??صد ان جي جيو اڪنامڪ بيهڪ مان مڪمل فائدو کڻڻ، رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي امن ۽ ترقي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي تي ٿائي لينڊ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ جي وچ ?? پراڻا، ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن، هن سال اسان پنهنجي 70 هين دوستي جون تقريبون ملهائي رهيا آهيون. هن چيو ته ٻئي ملڪ گهڻ رخي فورمن تي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪجهڙو موقف ۽ هم آهنگي رکن ٿا ۽ گهڻ رخي ۽ علائقائي تعاون جا مضبوط حامي آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته 7 ڏهاڪا اڳ سفارتي لاڳاپن جي قيام کانپوءِ ئي اسان ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ ۽ تنوع کي اهميت ڏيندا آيا آهيون، هن چيو ته ٿائي لينڊ جي لڪ ويسٽ “Look West” پاليسي ۽ پاڪستان جي ”ويزن ايسٽ ايشيائي” پاليسي ٻطرفي لاڳاپن لاءِ وسيع گنجائش رکندڙ آهن. هن چيو ته ٿائي لينڊ ۾ تقريبن 5 هزار پاڪستانين کانسواءِ پاڪستاني ڄائي ٿائي شهرين جي متحرڪ ڪميونٽي موجود آهي جنهن کي ٿائي پٺاڻن جي نالي سان سڃاڻڻ چاهيون ٿا جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ?? پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته اهي ماڻهو ٿائي معاشري ۾ رلي ملي ويا آهن ۽ ٿائي لينڊ لاءِ هڪ اثاثو ثابت ٿيا آهن، انهن ماڻهن ڪاروبار، عوامي خدمت ۽ سياست ۾ پنهنجا قدم ڄمايا آهن، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت 6 پاڪستاني ٿائي ايوان جا ميمبر ۽ ٻه سينيٽرز آهن جنهن جو تعلق حڪمران پالنگ پرچارٿ پارٽي ۽ ان جي اتحادي ڀوم جي ٿائي پارٽي يا ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان آهي، وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ?? واپاري صلاحي ۾ اضافي جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته تازن سالن ۾ ٻطرفي واپار ۾ اضافو خوش آئنده آهي، 2020ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ?? ڪل واپار 1105.80 ملين آمريڪي ڊالر هو، چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جو ٻڌمت ورثو ٿائي عوام لاءِ مضبوط تاريخي ۽ ثقافتي تعلق رکندڙ آهي، ٽيڪسلا کي ٿائي عوام ۾ بي پناهه مقبوليت حاصل آهي، هن چيو ته اسان پنهنجي سياحت جي شعبي جي فروغ ۽ ان شعبي ۾ جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ٿائيلينڊ جي ماڻهن لاءِ اسان جي ٻڌ مت ماڳن سان گڏوگڏ اتر ۾ خوبصورت جابلو علائقا گهڻا پُرڪشش ماڳ آهن، وفاقي وزير ٻڌايو ته ٿائيلينڊ جي مشهور ٻڌ راهب آريا اونگسو آڪٽوبر 2019ع ۾ پاڪستان جي دوري دوران پاڪستان ۽ ٿائيلينڊ ۾ پاڪستان جي ٻڌمت ورثي جي باري ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪجهه منصوبا شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو هو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ?? فلم ۽ ڊرامي جي شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اسان ٿائي رهواسين جي پاڪستان آمد جا منتظر آهيون، سفر ۽ سياحت کي آسان بڻائڻ لاءِ اسان پنهنجي ويزا نظام ۾ آسانيون پيدا ڪيون آهن، ٿائيلينڊ سميت تقريبن سمورن ملڪن ۾ اي ويزا ۽ ويزا آن آرائيول جي سهولت ۾ توسيع ڪئي وئي آهي.