ڪوٽڙي – 11 نومبر (اي پي پي) صدر م??لڪ?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت واپاري برادري کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان انيڪ قدم کنيا آهن ۽ انهن قدمن سان مل?? اندر واپار ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي، ڪورونا جي صورتحال ۾ وزيراعظم عمران خان جي مڪمل لاڪ ڊائون نه ڪرڻ سان مل?? وڏي معاشي تباهي کان بچي ويو، ان قدم کي دنيا اندر ساراهيو ويو ۽ دنيا ۾ پڻ انهن قدمن جيان عمل ڪيو ويو. اهڙو اظهار هن ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس اينڊسٽري پاران ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. صدر م??لڪ?? چيو ته وزيراعظم عمران خان دنيا جو پهريون وزيراعظم هو جنهن مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪندي ان کان پاسو ڪيو جنهن جا هاڪاري نتيجا نڪتا ۽ پاڪستان هڪ وڏي معاشي بحران کان بچي ويو جنهن جو اعتراف سموري دنيا پڻ ڪيو وزيراعظم جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويو ته مل?? ۾ بيروزگاري وڌي ويندي، هن چيو ته واپاري برادري مل?? جي ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکي ٿي، موجوده حڪومت واپاري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته موجوده دور جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي ۽ مل?? ۾ ٻين انڊسٽريز سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري شعبي تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان حوالي سان واپاري برادري ۽ انڊسٽري مالڪ پڻ ان شعبي ڏانهن ڌيان ڏين. حڪومتي قدمن سبب ان شعبي کي هٿي ملي رهي آهي ۽ ڪجهه سالن اندر اها مل?? جي سڀ کان وڏي انڊسٽري طور سامهون ايندي اسان سڀني کي چئون ٿا ته آءِ ٽي انجنيئر پيدا ڪريو جڏهن ته اسان ان حوالي سان هر مهيني لاڳاپيل کاتن سان گڏجاڻيون پڻ منعقد ڪري رهيا آهيون اوهان پڻ ٻئي بزنس سان گڏ آءِ ٽي جي ميدان اڳيان اچو ۽ ان حوالي سان اسٽڊي گروپ سميت سمورا وسيلا ڪتب آڻيو، دنيا ۾ آءِ ٽي انجنيئر جي وڏي ضرورت آهي ۽ ان شعبي جو معيار آهي ان ڏانهن ترجيحي بنيادن تي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته مهانگائي هڪ آزمائش آهي دنيا ۾ تيل سميت ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري پاڪستان پڻ ان آزمائش مان گذري رهيو آهي، صدر م??لڪ?? چيو ته مل?? ۾ سياحت کي هٿي وٺرائي پئي وڃي ۽ هاڻ پاڪستان هڪ بهترين سياحتي مل??ن ۾ شامل ٿي ويو آهي. هن چيو ته مل??ن جي ترقي، پيداوار ۽ جي ڊي پي ۾ سمال انڊسٽريز جو اهم ڪردار آهي ۽ ان حوالي سان حڪومت ننڍا ننڍا قرض فراهم ڪري رهي آهي ۽ ڪامياب نوجوان پروگرام سميت ٻيا اهڙا پروگرام ڪاميابي سان جاري آهن اوهان نوجوانن ۽ عورتن ۾ شعور پيدا ڪريو ته اهي گهريلو ۽ ننڍين صنعتن جي حوالي سان ان مان فائدو حاصل ڪن. هن چيو ته ڪيترائي اهڙا ش??با آهن جن کي اسان وساري ويٺا آهيون اسان کي انهن تي به ڌيان ڏيڻو پوندو هن واپاري برادري ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجين فيڪٽرين ۾ ٻين سان گڏ ڪنهن به معذري جي ور چڙهيل معاشري جي مخصوص ماڻهن کي به روزگار فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي به معاشري جا ڪارآمد شهري ثابت ٿي پنهنجي ڪٽنبن جو پيٽ پالي سگهن. صدر م??لڪ?? چيو ته موجوده حڪومت واپارين کي مڪ??ل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي ۽ بجيٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ايمازون جي 50 ساٿري گروپن سان گڏجاڻي پڻ ڪئي وئي، هن چيو ته دنيا اندر پاڪستان برانڊ پيدا ڪريو جنهن جي دنيا ۾ ضرورت آهي ۽ اهو اهڙو ته معياري هجي جو دنيا ان جي واکاڻ ڪرڻ کان رهي نه سگهي. هن چيو ته ايزي گوئنگ ايڪسپورٽ بزنس جي ضرورت آهي جتي به ضرورت پئي ته اسين اوهان سان گڏ هونداسين. هن چيو ته ٽيڪس جي حوالي سان مل?? 70 سالن کان پريشان آهي واپاري برادري چوي ٿي ته اسين ٽيڪس ڏيون ٿا پر جڏهن ٽجوڙي ڏسون ٿا ته خالي آهي هن واپاري برادري کي چيو ته سنڌ جو گورنر پڻ واپاري گهراڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ ان جا دروازا اوهان لاءِ کليل آهن اوهان ان سان رابطي ۾ رهو. هن چيو ته اسان خوشحال مل?? جا رهواسي آهيون جيڪي خيرات ۾ هڙان وڙان ڏيون ڇڏيون جڏهن ته پاڙيسري مل?? ڀارت ۾ انساني مدد واري ڪيفيت ئي ناهي. هن واپاري برادري کي چيو ته اسين اوهان جي مدد ڪنداسين اوهان اسان جي مدد ڪجو. ان موقعي تي صدر م??لڪ?? ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس اينڊسٽري جي عهديدارن جي مطالبي تي کين فائر ٽينڊر ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت هميشه واپاري برادري جي سپورٽ ڪئي آهي مل??ي ترقي جو دارو مدار پيداوار تي آهي ڪورونا جي صورتحال دوران جيترو اهو شعبو متاثر ٿيو اوترو گذريل 30 سالن ۾ نه ٿيو جڏهن ته ان سان گڏو گڏ سمورا ش??با پڻ تمام گهڻا متاثر ٿيا پر حڪومت جي بهتر پاليسين سبب اسين بچاءُ ۾ رهياسين، هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ڪوشش هوندي ته اوهان کي اڃا به وڌ رليف ڏنو وڃي. هن چيو ته ڏکين حالتن سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو ۽ انهن سخت شرطن تي پڻ عمل ڪرڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ايف اي ٽي ايف واري معاملي تي پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍايو وڃي، هن چيو ته صدر پاڪستان جي هدايتن تي فائر ٽينڊر جي حوالي سان ڳالهيون طئه ڪري وٺنداسين ۽ ايم نائن جي حوالي سان اوهان جي نيشنل هاءِ وي اٿارٽيز سان هڪ گڏجاڻي رکرايون ٿا. هن چيو ته سکر حيدرآباد موٽر وي تي تمام جلد ڪم شروع ٿيڻ واري آهي، ان موقعي تي ڄامشورو چيمبر آف ڪامرس اينڊسٽري جي صدر خليل احمد بلوچ، پيٽرن ان چيف ميان توقير طارق ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ، پير زمان شاه جيلاني، ميان سمير الدين، فرخ جميل، قمر ضياءُ الرحمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.