اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي متاثرين جي مدد لاءِ بلوچستان حڪومت کي هر م??ڪن مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان ۽ موجوده صورتحال جي شروعاتي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي پيش ڪئي وئي. وزيراعظم سڀني لاڳاپيل وفاقي ادارن کي رليف فراهمي ۾ بلوچستان جي حڪومت کي سموري م??ڪن مدد جي فراهمي جي هدايت ڪئي، وزيراعظم ??خم??ن کي بهترين طبي امداد جي فراهمي جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ان مشڪل گهڙي ۾ هر م??ڪن تعاون فراهم ڪندي.