اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ شهباز شريف سان م??اورت نه ڪندو، اسان جو وا??ح موقف آهي ته اپوزيشن سان ته مشاورت ٿيندي پر شهباز شريف سان نه، جيڪڏهن م??الف ڌر جو شوق آهي ته ليڊر آف اپوزيشن سان م??اورت ٿئي ته ان کي پنهنجو مخالف ڌر اڳواڻ بدلائڻ گهرجي. شهباز شريف نيب جي ملزم آهي، ان سان م??اورت جو مطالبو ايئن آهي جيئن چور کان پڇي وڃي ته ان جو ٿاڻيدار ڪير هوندو.
قانون وا??ي وفاقي وزير فروغ نسيم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جو مقص?? نيب ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ آهي، نئون تجويز ڪيل قانون ان وقت قانون جي شڪل اختيار ڪندو جڏهن صدر ان تي صحيح ڪندو. هن چيو ته ان آرڊيننس جو ٻيو حصو ايڪٽ به ايندو، اسان آرڊيننس تي مخالف ڌر سان م??اورت ڪنداسين، مخالف ڌر کي دعوت ڏئي رهيا آهيون ته جيڪڏهن هو وڌيڪ ترميم يا پنهنجي راءِ ڏيڻ چاهين ٿا ته اسان کي فراهم ڪري، اسان پارليامينٽ ايڪٽ تحت ريفارمز آڻينداسين. هن چيو ته نيب وڏي ڪرپشن جي لاءِ ٺهيو هو، ان جو ڪاروبار ۽ ٻين شين کي شامل ڪرڻ سان نيب جو معيار ڪريو آهي، اسان نيب کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان م??الف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سان م??اورت نه ڪندو، ان باري ۾ اسان جو موقف وڏو وا??ح آهي ته مخالف ڌر سان ته مشاورت ٿيندي پر شهباز شريف سان م??اورت نٿي ٿ?? سگهي ڇو ته شهباز شريف نيب جو ملزم آهي ۽ ان سان م??اروت جو مطالبو ايئن آهي جيئن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو ٿاڻيدار ڪير هوندو.
هن چيو ته جيڪڏهن م??الف ڌر کي ليڊر آف اپوزيشن سان م??اورت ڪرائڻ جو شوق آهي ته ان کي پنهنجو مخالف ڌر اڳواڻ بدلائڻ گهرجي، هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته اسان چورن کان پڇي ٿاڻيدار لڳايون، هن چيو ته جيڪڏهن م??الف ڌر ۾ ٿوري به حيا هجي ها ته هو پاڻ ئي مخالف ڌر جي عهدي تان هٽي وڃي ها، هڪ ماڻهو جيڪو نيب ۾ ملزم آهي ۽ هو پاڻ بضد آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري تي ساڻس مشاورت ڪئي وڃي، غير مناسب آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته اسان نيب مان نجي ۽ بئنڪنگ تڪرارن ۽ ٽيڪس کي ڪڍي ڇڏيو آهي، نيب جو ڌيان هاڻي وڏي ڪرپشن تي هوندو، نيب کي وڏين مڇين تي نظر رکڻي آهي، ان تي ڪيسز بڻجڻ گهرجن، هن چيو ته عدالتن جو تعداد به وڌايو پيو وڃي، ان جو طريقيڪار تبديل ڪري کين م??بوط ڪيو ويندو، پراسيڪيوشن جي مضبوطي لاءِ پراسيڪيوٽر جنرل جي آفيس کي به مضبوط ڪيو يو، هاڻي پراسيڪيوٽر جنرل جيڪو ريفرنس داخل ڪندو اهو ذميدار هوندو ته ان ۾ به سزا هجي، هن چيو ته قانون وا??ي وزارت پهريون ڀيرو ايف بي آر کي گرفتاري جو اخيتار ڏنو آهي.