اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشري جي معاشي طور تي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي ??ندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڪٻاڙ گڏ ڪندڙ هڪ سائيڪل سوار ٻار جي ??صوير پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن جي ??ائيڪل تي قومي جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته انشاءَ الله هي اهي پاڪستاني آهن جن جي ??ندگي جو معيار بلند ڪرڻ سندس اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح جي پاڪستانين کي هيستائين اسان جي ??ياست نظرانداز ڪيو آهي.