اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ مون سون ??ڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو. مون سون ??ڻڪاري مهم 2021ع تحت ايوان صدر جي اڱڻ ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳايا وين??ا. ??يوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته نوجوان وڌ کان وڌ وڻ لڳائي پاڪستان کي صاف ۽ شاداب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته نوجوان نسل ملڪ جي قدرتي حسن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ون ??ڳائي ڇو ته موسمياتي تبديلي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ، ايندڙ نسلن کي صاف ۽ صحتمند ماحول ڏيڻ جي لاءِ وڻ ضروري آهن. هن چيو ته پاڪستان کي تمام گهڻي خوبصورتي ۽ قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي، نوجوان نسل پنهنجي ڀرپاسي کي صاف سٿرو ۽ سرسبز رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اترين علائقن جي خوبصورت جاين طرف لکين سياح متوجه ٿيا آهن پر سياحن کي ماحول صاف رکڻ، آلودگي پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ماحولياتي نظام کي موسمياتي تبديلي، گلوبل وار??نگ ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جي ڪري خطرا درپيش آهن. صدر چيو ته ملڪ ۾ ٻيلن ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وار??نگ دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهڙڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهي آهي. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ??لڪ امين اسلم صدر کي مون سون ??ڻڪاري باب?? بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم تحت سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويندا جڏهن ته 10 ارب ٽري سونامي جي پهرين مرحلي ۾ 2018ع کان 2023ع تائين 3.296 ارب وڻ لڳايا ويندا. ملڪ امين اسلم چيو ته وڻڪاري مهم سان قدرتي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ گلوبل وار??نگ جا اثر گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.