اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) قومي ا??يمبلي فلسطيني عوام تي ا??رائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هڪ متفقه قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، او آءِ سي ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فلسطين تي ا??رائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ جي ل??ءِ فوري طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فلسطينين جي نسل ڪشي، انهن جي پنهنجي علائقن ما?? جبري بيدخلي ۽ فلسطين جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي عمل کي فوري طور تي روڪيو وڃي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اسرائيلي حڪومت پاران فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشي جي ڏوهه جي جاچ جي ل??ءِ آزاداڻو انڪوائري ٽربيونل قائم ڪري. قومي ا??يمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين تي ا??رائيلي جارحيت جي خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان اسرائيل پاران فلسطين جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ معصوم فلسطيني عوام تي منظم ظلم ۽ ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.