اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ کان اڳ احساس ڪير بک??و نه سمهي پروگرام کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڌيڪ ٽن شهرن تائين سگهه ڏيڻ جو اعلان اڄ ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب احساس ڪير بک??و نه سمهي پروگرام ذريعي انهن مزدورن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن ۽ گهٽ اجرت ورڪرن کي مفت کا??و و??هايو ويندو جيڪي احساس پناهگاهن ۽ لنگرخانن تائين پهچي نه ٿا سگهن. ورچوئل افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن ۽ پارليامينٽرين سان گڏ فيصل آباد، لاهور ۽ پشاور ۾ ڪيترين ٽرڪ ڪچنز ذريعي، احساس ڪير بک??و نه سمهي پروگرام تحت کا??ي جي مفت فراهمي جي سروس جو افتتاح ڪندو. ان پروگرام تحت هر ٽرڪ مخصوص سروس پوائنٽس تي ر??زانو 1500 کان 2000 ماڻهن کي کا??و و??هائيندي. کا??ي جي تياري ۽ فراهمي ٽرڪ ڪچن تان ئي ٿيندي. وزيراعظم احساس تحت 10 مارچ 2021ع تي ر??ول??نڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن کي ڏينهن ۾ به ڀيرا مفت کا??ي جا دٻا ڏيڻ جي لاءِ ٽرڪ ڪچن جي تصور سان ڪير بک??و نه سمهي پروگرام شروع ڪيو ويو هو. جنهن تحت 37827 ماڻهن کي کا??و و??هايو ويو آهي. جنهن کي هاڻي وڌيڪ ٽن ضلعن تائين سگهه ڏني پئي وڃي.