پشاور – 09 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ل??ءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبا?? ۾ ??ساني ل??ءِ سڌارا جاري آهن، واپاري برادري ٽيڪس ادا ڪرڻ ??ي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، افعانستان ۾ امن سان خيبرپختونخواهه کي فائدو ۽ علائقائي واپار کي فروغ حاصل ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس پشاو?? ۾ ??يبرپختونخواهه جي ڪاروباري برادري سان ملاقات ۾ ڪيو. خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، ايف پي سي سي آءِ جو اڳوڻو صدر غضنفر بلور، سرحد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر شير باز الياس ۽ چيمبر جا ٻيا عهديدار به موجود هئا. صدر چيو ته مڪمل ٽيڪس ادائيگي سان واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ ترقياتي منصوبن جي ل??ءِ فنڊز جي فراهمي ۾ مد?? ملندي، واپاري برادري ملڪ ۾ ٽيڪس ادا ڪرڻ ??ي ترغيب ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، صدر عارف علوي چيو ته موجوده حڪومت پاران ڪورونا وائرس جي وبا دوران 1.2 ??رب جو معاشي رليف پيڪيج ڏنو ويو آهي، حڪومت واپاري برادري کي چٽاڀيٽي ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي، ملڪ ۾ سيڙپڪاري ل??ءِ ماحول سازگار آهي ۽ ڪاروبا?? ۾ ??ساني ل??ءِ سڌارا جاري آهن. صدر چيو ته واپاري برادري حڪومت سان رابطا وڌيڪ بهتر ڪري ۽ ڪاروباري ماحول جي بهتري ل??ءِ تجويزون ڏي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت ۽ آءِ ٽي شعبي ۾ موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي.