اس??ام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ هائوس ڪميٽي جو اج??اس سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ ٿيو، جنهن ۾ گذريل اج??اس ۾ ڏنل سفارشن تي ??ملدرآمد، پارليامينٽ جي لاجز جي روزمره جي تعمير ۽ مرمت ۽ اضافي بلاڪن جي حوالي سان سي ڊي اي ۽ لاڳاپيل ادارن تفصيلي بريفنگ ڏني. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ لاجز جي اضافي بلاڪ جي تعمير ۾ تمام گهڻي دير ٿي چڪي آهي ۽ سڀئي ادارا گڏيل رابطاڪاري جي ذريعي مسئلن کي حل ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته اضافي بلاڪس ?? انتظامي سطح تي مسئلا پيدا نه ٿيندا ۽ سڀني سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو. ڪجهه ڪميٽي جي ميمبرن سي ڊي اي عملدارن پاران پارليامينٽ لاجز جي تعمير ۽ مرمت تي ??ير تي ڳڻتي ??و اظهار ڪيو ۽ چيو ته پارليامينٽ لاجز ۾ مقرر سي ڊي اي جي عملي کي بار بار مسئلن جي حل لاءِ چيو ويو پر اڃا تائين مسئلا جيئن جو تيئن آهن ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي رهي.