اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پائليٽ پراجيڪٽ جي طور تي بلوچستان صوبي ۾ ٻه ۽ خيبرپختونخوا صوبي ۾ هڪ بارڊر مارڪيٽ جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کي فيبروي تائي?? مڪمل ڪري فعال ڪيو ويندو، سرحدن جي ذريعي ٿيندڙ اسمگلنگ جي روڪٿام جي حوالي سان وڌيڪ موثر قدم کڻڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي، پاڪ افغان ۽ پاڪ ايران سرحدي علائقن۾ سرحدي مارڪيٽون قائم ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوده، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، عبدالرزاق دائود، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود ??ان?? بلوچستان جي وڏي وزير ڄ??م ڪمال ??ان?? خاص مددگار ليفٽننيٽ جنرل (ر) عاصم سل??م باجوه سميت ٻين سول سينئر ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي.