اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران مختلف موبائيل ڪمپنين پاران وڌيڪ اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪ??ل ڪيو وڃي، موبائيل ??يٽ ورڪس ۽ انٽر??يٽ سروسز جي بهتري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ موبائيل ۽ انٽر??يٽ سروسز جي وڌيڪ بهتري جي حوالي سان اسپيڪٽرم نيلامي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، صنعت و??ري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، پي ٽي اي جي چي??رمين، فريڪوينسي ايلوڪيشن بورڊ جي چي??رمين شڊرڪت ڪئي. وزيراعظم کي مختلف موبائل ڪمپنين پاران ??يٽ ورڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته موبائل ??يٽ ورڪس ۽ انٽر??يٽ سروسز جي بهتري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽر??يٽ جي سروسز جي بهتري تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم مختلف ڪمپنين پاران وڌيڪ اسپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪ??ل ڪيو وڃي.