اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي دهشتگردي جي خا??مي (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته اسلام امن جو دين آهي، ان کي دهشتگردي سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي، قا??ون??ازي ۾ بنيادي انساني حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي خا??مي (ترميمي) بل 2020ع غور هيٺ آندو وڃي. سيد نويد قمر چيو ته دهشتگردي جي صورتحال ۾ ملڪ تمام گهڻن مسئلن کي منهن ڏنو آهي. هي بل ڪالعدم تنظيمن بابت آهي جيڪو به پاڪستان يا پاڪستان کان ٻاهر اسلام جي نالي تي دهشتگردي ڪري ٿو، اسان سڀ ان جي خلاف گڏجي وڙهنداسين جڏهن ته جيڪو شخ?? دهشتگرد نه آهي اهو هن قانون جي زد ۾ نه ٿو اچي ته اسان کي هن قانون ۾ اهي شيون شامل ڪرڻ گهرجن جن سان بيگناهه متاثر شخ?? جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ ممڪن ٿي سگهي. خواجه محمد آصف چيو ته اسان جو مقصد پاڪستان جي شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ آهي. اسان پهرين ??ه قا??ون??ازي ۾ ان ڳالهه جو اصرار ڪيو ته مالياتي ٽرانزيڪشنز ۾ ڪنهن بزنس مين جو حق متاثر نه ٿئي. شاهه محمود قريشي چيو ته هتي مني لانڊرنگ رهي آهي اسان کي ان جو تدارڪ ڪرڻو آهي. قا??ون??ازي متوازن ٿيڻ گهرجي. ميمبرن جون مثبت تجويزون شامل ڪيون وينديون. آئون قانون واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هڪ طرف ماڻهو چئي رهيا هئا ته جيستائين نيب جو قانون نه ايندو ٻي قا??ون??ازي نه ڪنداسين. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي چوڻ کان اڳ ئي اسان کي اها قا??ون??ازي پاڻ ڪرڻي گهرجي ها.