اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا ڪوهالا هائيڊرو پاور پراجيڪٽ سميت ٽن منصوبن جي منظوري ڏني، وزيراعظم صوبائي فنانس ڪميشن کي فعال بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان سان پوري صوب?? ۾ ??نظم طريقي ۽ سياسي فرق کانسواءِ ڪم ٿيندا، جن پائليٽس جا لائيسنس مشڪوڪ هئا، انهن کي برطرف ڪيو ويو آهي، اسان جا پائليٽس جي??ي جهاز اڏائي رهيا آهن انهن جون ڊگريون سئو سيڪڙو ڪليئر آهن، جعلي ڊگريون رکندڙ پائليٽس جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ٿيندي، مخالف ڌر کي خبر آهي ته جي??ڏهن عمران خان انهن جي رستي تان هٽي وڃي ته انهن جي ماضي جي ڪرپشن جو نه پڇيو ويندو، ماض?? ۾ ??ي آءِ اي، اسٽيل ملز ۾ تمام گهڻيون سياسي ڀرتيون ڪيون ويون، پيپلزپارٽي ادارن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت تي يقين نه ٿي رکي، مخالف ڌر عمران خان کي مافياز جي خلاف ڪاررواين تي پنهنجو نشانو بڻائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته اجلاس شروع ٿيڻ تي وزيراعظم عمران خان ڪورونا مان صحتياب ٿيڻ تي ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڪابينا اجلاس ۾ آڊيٽر جنرل جي رپورٽ تي بحث ٿيو، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽ?? ۾ ??روسيجرل مسئلن ۽ قاعدن ۽ ضابطن جي بنياد تي آڊٽ پيراز ٺهن ٿا، ماضي ۾ کربين رپين جا آڊٽ پيراز ٺه??دا هئا پر اسان جي حڪومت جي دور ۾ ان ۾ 70 کان 80 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ادارن کي قاعدن ۽ ضابطن موجب ڪم ڪرڻ گهرجي.