اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪستان نيدرلينڊ سان پنهنجي دوستا??ي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان نيدر لينڊ سان دوستا??ي لاڳاپن کي پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو، موجوده حڪ??مت سيڙپڪار دوست پاليسي تحت دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿي، پاڪستان نيدرلينڊ سان واپار، صنعت سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، والاريل ڪشمير ۾ گذريل 6 مهينن کان ڪرفيو لاڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ مقرر ن??درلينڊ جي ويلم ووٽرپلومپ سان ملاقات دوران ڪيو.