اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي خلاف تفصيلي فيصلي ۾ موت جي صورت ۾ کيس ٽن ڏينهن تائين عوامي ??اءِ تي لٽڪائڻ جي پيرا کي ملڪي ۽ شرعي قانونن ۽ عالمي ??نساني قانونن جي خلاف قرار ڏيندي خاص عدالت جو فيصلو ل??ندڙ جج جسٽس سيٺ وقار جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف کي ڏنل سزا جي خلاف اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت طرفان اعليٰ عدليه کي درخواست ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل جج کي فوري طور تي ڪم کان روڪيو وڃي، ان اه?? معاملي تي وفاقي حڪومت کي شديد خدشا آهن، پيرا 66 تي ٻن ججن اختلاف ته ڪيو پوءِ اتفاق راءِ ڪٿي هو؟ پريس ا??فارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ وزيراعظم جو احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا.