اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت مديني جي ر??است جي نموني تي عمل ڪري ره?? آهي، پاڪستان، ترڪي ۽ ملائيشيا گڏيل ٽي وي چئنل قائم ڪندا، ٽي وي چئنلز جي قيام جو مقصد دنيا کي حقيقي اسلام جي چهري سان روشناس ڪرائڻ آهي، رسول پاڪ صه سان والهاڻي محبت ۽ عقيدت اسان جي ايمان جو بنيادي جز آهي، اسل??م هڪ بهترين نظام زندگي آهي جنهن جو مقصد انسانيت جي ڀلائي آهي، سيرت پاڪ تي عمل ڪري ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي ممڪن آهي، ه?? ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن جي سهڪار سان عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ ڪُل پاڪستاني نعتيه مقابلن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ نعت خواهن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري ره?? هئي.