اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻين ملڪن سان اختلاف پيدا ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي، تنهن هوندي به هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته قومي خودمختياري ۽ ملڪ جي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ??زارت جي آفيسرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ پرڏيهي ??اليسي جو ويزن قومي مفادن کي مٿانهون رکڻ آهي. پرڏيهي ??زير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عالمي سطح تي بلاڪ سياست جي حمايت نٿي ڪري. پرڏيهي ??زير واضح ڪيو ته مضبوط پرڏيهي ??اليسي تي عمل ڪرڻ لاءِ معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ اڻٽر آهي. شاهه محمود قريشي پرڏيهي ??اليسي جي محاذ تي حڪومت پاران ڪيل ڪيترن ئي قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ اقتصادي س??ار??ڪاري، انگيج آفريقه پاليسي، سينٽرل ايشيا ويزن پاليسي ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن ڊويزن جو قيام شامل آهي. پرڏيهي ??زير چيو ته ٻاهرين ملڪ پاڪستاني س??ار??ڪارن جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو پيو وڃي ۽ پرڏيهي ??اڪستانين پاران موڪليل وڏو مٽاسٽا جو ناڻو ان حقيقت جو عڪاس آهي. هن مارچ ۾ اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) ??ي پرڏيهي ??زيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي ??زارت جي عملدارن جي واکاڻ ڪئي.