اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان حضور اڪرم ﷺ جي باري ۾ ڀارت جي حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي جي ٻن سينئر عهديدار?? جي توهين آميز ريمارڪس جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ڀارتي ناظم الامور کي پرڏيهي و??ارت طلب ڪري سخت احتجاج ڪ??و آهي. پرڏيهي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو ته اهي ريمارڪس مڪمل طور تي ناقابل قبول آهن ۽ ان سان نه رڳو پاڪستاني عوام پر سڄي دنيا جي مسلمان?? جي جذبن کي ڌڪ لڳو آهي، ڀارتي سفارتڪار کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان بي جي پي حڪومت پاران ڄاڻايل عهديدار?? جي تاخيري ۽ بي ڪار قانوني ڪارروائي جي قدمن تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو جنهن سان مسلمان?? جي درد کي گهٽ نٿو ڪري گسهجي، بيان ۾ چيو و??و آهي ته پاڪستان کي ڀارت ۾ مسلمان?? جي خلاف فرقيواراڻي تشدد ۽ نفرت ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي گهري ڳڻتي آهي، ڀارت ۾ مسلمانن کي منظم طريقي سان بدنام ڪيو پيو وڃي، کيس پوئتي رکيو پيو وڃي ۽ کين بنياد پرست هندو هجوم جي منظم حملي جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن ۾ انتهاپسندن کي ڀارت جي مختلف رياست?? جي سيڪيورٽي ادار?? جي مڪمل حم??يت حاصل آهي، ترجمان چيو ته ڀارت ۾ مسلمان مخالف جذبن جو وڌڻ ۽ مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ سان گڏوگڏ فضول تاريخي دعوائن جو حوالو ڏئي مسلمانن کي انه?? جي صديون پراڻي عبادتگاهن کان محروم ڪرڻ جي وڌندڙ ڪوششون ڀارتي معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي و??ضح نتيجن کانسواءِ ڪجهه نه آهي، بيان ۾ چيو و??و آهي ته پاڪستان بي جي پي جي قيادت ۽ ڀارتي حڪومت تي پرزور مطالبو ڪري ٿو ته هو بي جي پي جي عهديدار?? جي توهين آميز ريمارڪس جي و??ضح طور تي مذمت ڪري ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته انه?? جي خلاف فيصلائي ۽ قابل عمل ڪارروائي جي ذريعي انهن کان جوابدهي ڪئي وڃي، ڀارتي حڪومت کي عالمي قانونن تحت ??نهنجي ذميداري?? جي باري ۾ به ياد ڏياريندي چيو ويو ته هو اقليتن کي انساني حق?? جي خلاف ورزين کان بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻي، انه?? جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي ۽ کين امن سان پنهنجي عقيدن تي هلڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، پاڪستان عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ انساني حق?? جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارت ۾ خطرناڪ حد تائين وڌندڙ ”هندوتوا“ سبب متاثر اسلامو فوبيا جو نوٽيس وٺي ان کي روڪي ۽ ڀارت ۾ اقليت?? جي خلاف انساني حق?? جي منظم خلاف ورزين کي روڪڻ لاءِ ڀارتي عملدارن تي دٻاءُ وجهي.