اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آز??د ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) جي محتسب اعليٰ تي زور ڏنو آهي ته ??و پاڪستان جي وفاقي محتسبن سان ويجهو رابطو قائم ڪري ته جيئن ان??ن جي مهارت مان فائدو کڻندي ??وام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ بهترين طرز عمل کي اختيار ڪري سگهجي. صدر اها ڳالهه آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب چوڌري محمد نسيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آز??د ڄمون ۽ ڪشمير محتسب جو سيڪريٽري ابصار حسين جرال ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر چيو ته ڪم واري جڳهه تي عورتن کي هراساني کان محفوظ رکڻ جي لاءِ هراساني جي خاتمي واري وفاقي محتسب جي مينڊيٽ کي آز??د ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پوئيواري ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪم واري جڳهه تي هراساني جو شڪار عورتن کي انصاف فراهم ڪري سگهجي ۽ ان??ن جي وراثت ۽ ملڪيت جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب کي خاص طور تي ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي، بئنڪنگ ۽ انشورنس فراڊ ۽ سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي معاملن ۾ آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب کي مشورو ڏنو ته ??و عوام کي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جي ??رط کانسواءِ پنهنجون شڪايتون آن لائين يا ٽيليفون جي ذريعي داخل ڪرڻ جي لاءِ جديد ترين ان??ارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏئي پنهنجي پهچ کي وڌائي. صدر آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي مهتسب جي فيصلن جي پريس ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي تشهير جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عام ماڻهن کي پنهنجي شڪايتن ۽ ان??ن جي ازالي جي حوالي سان حاصل حقن کان آگاهي ملي سگهي. هن محتسب کي مشورو ڏنو ته ??و پنهنجي دائره اختيار ۾ ايندڙ آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي کاتن ۽ ادارن جي حوصلا افزائي ڪري ته اهي شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ محتسب وٽ موڪلي. آز??د ڄمون ۽ ڪشمير جي محتسب صدر کي اداري جي ڪارڪردگي ۽ درپيش چئلينجن بابت آگاهه ڪيو. هن محتسب جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو.