اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل لاهور جو دورو ڪيو ۽ سڄي پاڪستان ۾ قيدي?? جي سزا ۾ ٻن مهين?? جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جيڪا جيلن ۾ قيدي?? جي سهولت ۽ مجموعي نظام جي بهتري لا??ِ ٺوس حڪمت عملي جوڙيندي. هن چيو ته ان ڪميٽي ۾ چئني صوب?? جي نمائندي ڪندي آفيسر شامل هوندا. وزيراعظم شهباز شريف ان موقعي تي چيو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا مڪمل ڪري وٺن انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ ۾ هر ممڪن سرپرستي حڪومت جي فرضن ۾ شامل آهي. هن چيو ته وزيراعظم ڪوٽ لکپت جيل عملدارن کي خصوصي هدايت ڪئي ته قيدي?? جي سهولت لا??ِ دستياب ذريعن کي موثر طر??قي سان استعمال ۾ آندو وڃي ته جيئن قيدي?? جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ وزيراعظم قيدي?? جي کاڌي پيتي ۽ صحت جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم قيدي?? جي هنرسازي جي لا??ِ پڻ دستياب ذريعن کي موثر طور تي استعمال ۾ آڻڻ جي خصوصي هدايت ڪئي ته جيئن قيدي پنهنجي سزا جو وقت مثبت انداز ۾ پورو ڪري سگهن ۽ پنهنجو پاڻ کي سزا کانپوءِ معاشري ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لا??ِ ڀرپور طر??قي سان تيار ڪري سگهن. پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جوهر ٽائون ۾ قائم ر??ضان بازار جو اوچتو دورو ڪيو ۽ عوام کي رمضان مهيني ۾ کاڌي پيتي جي شي?? جي گهٽ قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي خصوصي هدايت ڪئي.