اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قطر جي وزيراعظم شيخ خالد بن خليفه بن عبدالعزيز آل ثاني شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ?? هن وزيراعظم شهباز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پي ايم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته توها?? سان دوستي پاڪستان جو قيمتي اث??ثو آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته قطر ۽ پاڪستان ٻه ڀا??ر ملڪ آهن جن جي تاريخي دوستي گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي قائم آهي. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ويجهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ پڪ?? بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم شهباز شريف قطر جي پنهنجي هم منصب جو نيڪ خواهشن تي جوابي خيرسگالي جي جذب?? سان ٿورا پڻ مڃيا.