اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني ڊپٽي ڊائريڪٽر پروٽوڪول تنوير حسين ملڪ جي گهر ويو جتي هن تنوير حسين ملڪ جي والده جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحومه جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. هن چيو ته ماءُ جو رشتو دنيا جي عظيم نعمت تصور ڪيو ??ين??و آهي جنهن جو دنيا مان هلي وڃڻ سان ان جي کوٽ سدائين محسوس ڪئي ??ين??ي آهي، هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ڊپٽي اسپيڪر مرحومه جي بلند درجن ۽ سوڳوار خاندان کي ان ناقابل تلافي ن??صا?? کي بر??اش?? ڪرڻ لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. واضح رهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر تنوير حسين ملڪ جي والده مختصر علالت کانپوءِ 21 رمضان المبارڪ تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪر?? وئي هئي. سندس جنازي نماز ۽ تدفين سندس اباڻي شهر ميانوالي ۾ ادا ڪئ?? وئي هئي.