اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ميٽرو بس سروس جي ??فتتاح کانپوءِ پشاور موڙ کان ايئرپورت تائين ميٽرو بس ۾ سفر ڪيو. ان موقعي تي ترڪ سفير احسان مصطفيٰ، چين جي ن??ظم الامور کانسواءِ مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، شڪيل اعواڻ، ملڪ ابرار احمد، انج?? عقيل خان، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ ۽ سي ڊي اي، اين ايڇ اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم مختلف ميٽرو اسٽيشنن ۽ روٽ جو جائزو ورتو ۽ مسافرن کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون.